ڏور به اوڏا سپرين1

ڏور به اوڏا سپرين1

ڏور به اوڏا سپرين1

ڏور به اوڏا سپرين1 (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور شاعر تاجل بيوس جي ڀارت ياترا تي ٻَڌل سفرنامو آهي. جنهن جو انتساب هن سنڌ ۽ هند جي ٽن ليکڪائن: پوپٽي هيراننداڻي، ڪلا پرڪاش ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جي نالي ڪيو آهي. هن سفرنامي ۾ موجوده هندستان جي احوال سان گڏ هند جي سنڌين جي ٻهڳڻي ٻوليءَ، ادبي ادارن ۽ اتان جي سنڌين جي مختلف شعبن ۾ جوڳن ڪارنامن، انڊو- سنڌ مشاعري ۽ شاهه، سچل، سامي سيمينار جا سربستا احوال ڏنل آهن. تاجل بيوس پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”بس! منهنجي هن سفرنامي ’ڏور به اوڏيا سپرين‘ ۾ ان شخص جا جذبا ۽ احساس آهن، جنهن کي وڻ وانگر پاڙؤن پٽي سرحد جي هن پار اڇليو ويو هو. مان انهن هم زبان بزرگن، دوستن، مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ نياڻين سان ملڻ ويو هيس، جن جو هڪ هڪ لفظ منهنجي روح ۾ پيهي ويو هو، جن جي ٻوليءَ ۾ امان سانئڻ پينگھي ۾ سمهاري، لولي ڳائي ننڊون ڪرائيندي هئي.“ ڊيمي سائيز جي 122 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي اڪيڊمي ڪراچيءَ، جون 1992ع ۾ ڇپايو آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل نامور مصور اياز عالم ابڙي ٺاهيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 30 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو